ستياوادي رسالو

ستياوادي (رسالو): هيءَ ماهوار سنڌي رسالو جيتوراءِ هوتچند جي ادارت هيٺ، نومبر 1930ع کان ديوي پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويندو هو. هيءُ رسالو ’آريه سماج‘ جو ترجمان هوندو هو. هن رسالي جو اجراع ستياوادي اخبار بعد ٿيو. هن رسالي جو ملهه ٻه روپيا ساليانو هو. سن 1931ع تائين هن رسالي جون پنج سئو ڪاپيون شايع ٿينديون هيون، پوءِ هن رسالي جون هزار ڪاپيون شايع ٿينديون هيون. 1935ع تائين ان عدد تي پهتل هو. هن رسالي پڙهندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو